ساهڙ جا سينگار

ساهڙ جا سينگار

ساهڙ جا سينگار

ساهڙ جا سينگار (ڪتاب): هي ڪتاب نامور عالم، اديب ۽ مفڪر سائين جي. ايم. سيد مرتب ڪيو، جيڪو مرتب ڏانهن علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي لکيل خطن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي شروع ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جا جي. ايم. سيد ڏانهن هڪ سنڌي ۽ ٻن انگريزيءَ ۾ لکيل خطن جا عڪس ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ نامور قانوندان الهه بخش بروهيءَ پاران خطن متعلق تعارفي خط جو سنڌي ترجمو به شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب بابت پيش لفظ مرتب جو لکيل آهي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جو تعارف ڪرايو ويو آهي. ٻئين باب ۾ 1929ع کان 1945ع تائين علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ پاران جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط شامل آهن.، جيڪي ڪجهه سنڌيءَ ۾ هئا ۽ اڪثر انگريزيءَ ۾ هئا، جن جو سنڌي ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ 1946ع کان 1947ع تائين جا خط شامل آهن، جيڪي به ڪجهه سنڌيءَ ۾ هئا ۽ ڪجهه انگريزيءَ ۾ هئا، جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ ٽي مضمون شامل آهن.، جن مان ٻه مختلف وقتن تي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ پاران جي. ايم. سيد کي ۽ هڪ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي تقرير واسطي لکي ڏنا ويا هئا. پنجين باب ۾ ’علامه قاضي صاحب جو پيغام، مقام ۽ اسان جون ڏانهس جوابداريون‘ جي عنوان سان سائين جي. ايم. سيد جو مضمون شامل آهي. ڪتاب جي جلد تي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ ۽ سائين جي. ايم. سيد جون تصويرون ڏنل آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1969ع ۾، ٻيو ڇاپو 1983ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو ڊسمبر 1995ع ۾، جي. ايم. سيد اڪيڊمي، سن پاران ڇپايو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 196 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.


لفظ ساهڙ جا سينگارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو